پيرل فقير خوشدل ستاري

پيرل فقير ’خوشدل‘ ستاري: پيرل فقير ذات جو مڱريو هو ۽ 1884ع ڌاري ڳوٺ ويِهڙ ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. هن صوفي عبدالستار، جهوڪ شريف واري کان فيض حاصل ڪيو. ڪجهه عرصو ويهڙ ۾ گذارڻ کان پوءِ اڪ تڙ، سيوهڻ، بازيد پور ۽ ٺارو شاهه ۾ اچي رهيو. پيرل فقير درويش صفت ماڻهو هو، هن کان جن ماڻهن فيض حاصل ڪيو، تن ۾ محمد خان جتوئي، رمز علي خاصخيلي (نوان جتوئين وارو)، علي بخش کوسو قابلِ ذڪر آهن. پيرل فقير کي غريبن ۽ مسڪينن سان وڏي محبت هوندي هئي. هن هڪ يتيم ٻار گل حسن جي پرورش به ڪئي. نوان جتوئيءَ ۾ 1941ع ڌاري آيو ۽ اتي ئي 1951ع ۾ وفات ڪيائين. مرشد ۽ شاعر هئڻ ڪري پاڻ کي ’خوشدل‘ سڏرائيندو هو، سندس ڪلام ڇپيل آهي. سندس مزار تي هر سال راڳ ٿيندو آهي. سندس درگاهه پراڻا جتوئيءَ لڳ ڳوٺ ’مَٺي‘ ۾ موجود آهي. جنهن ۾ محمد فقير هيسباڻي ۽ سيد صابن شاهه به آرامي هئا، پر اهو ڳوٺ ۽ قبرستان درياهه پائي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1884.00.00  عيسوي

پيرل فقير خوشدل ستاري 1884ع ڌاري ڳوٺ ويِهڙ ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو


1951.00.00  عيسوي

پيرل فقير خوشدل ستاري 1951ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي عبدالحميد خان
حسين ساريو
راوت رڻمل راٺوڙ
سيد نذر محمد شاهه
محمد سومار ٿيٻو
زمان شاهه افغان
شمس الدين گونگو نظاماڻي
ڄام توڳاچي
در محمد عالماڻي
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون